APP36-22021 ISLAMABAD: February 22 - President Dr. Arif Alvi addressing the lauching ceremony of Bachelors Of Engineering Technology (Civil Engineering) Degree Program, at NUTECH University. APP

اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تعليمي نظام کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن جديد سائنسي شعبن ۾ ترقي سان لاڳاپيل آهي، تعليمي ادارن ۽ صنعت جي وچ ۾ بهتر رابطن سان نه رڳو نوجوانن کي موزون روزگار جا موقعا ميسر ايندا پر ان سان صنعت جي ترقي جا امڪان به پيدا ٿيندا. هو نيشنل يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۾ بي ايس انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان تقريب ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر طارق بنوي، ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي ليفٽيننٽ جنرل (ر) خالد اصغر سميت يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ فيڪلٽي ميمبرن کانسواءِ شاگرد به شريڪ هئا. صدر يونيورسٽي پاران بي ايس انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي جي آغاز جي آجيان ڪندي ان کي ملڪ جي مستقبل جي ضرورتن جي حوالي سان اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ جو وڏو سبب اهو رهيو آهي ته روايتي تعليم جديد دور جي گهرجن ۽ خاص طور تي صنعت جي ضرورتن سان هم آهنگ نه آهي، اسان کي ان مسئلي جي حل لاءِ اڪيڊمين ۽ صنعت کي ڳنڍڻ جي ضرورت آهي.