APP41-270121 KARACHI: January 27 - Opposition leader in Sindh Assembly Haleem Adil Sheikh addressing a press conference at conference hall of Sindh Assembly. APP Photo by M. Saeed Qureshi

ڪراچي – 27 جنوري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اپوزيش ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڪنهن وقت به سنڌ جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي سنڌ ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا، 13 سالن ۾ سنڌ اندر رڪارڊ ڪرپشن ٿي آهي ۽ سنڌ جي عوام کي ڪي به بنيادي سهولتون ناهن مليون. اهڙو اظهار هن سنڌ اسمبلي ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. جنهن سان گڏ پي ٽي آئي ڪراچي جو صدر خرم شير زمان، پي ٽي آئي جي پارلياماني ليڊر بلال غفار سميت ٻيا ايم پي ايز پڻ شامل هئا. حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وڏو وزير چوي ٿو مان ڪنهن جي آڏو جوابده ناهيان صرف اسيمبلي ۾ جواب ڏيندس. اسان کائنس جواب وٺنداسين ته 13 سالن ۾ ريڪارڊ ڪرپشن ڪيئن ٿي آهي. سنڌ جي عوام کي ڪي بنيادي سهولتون ناهن. وزير اعظم جڏهن به حڪم ڪندو عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي سنڌ ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا.