APP11-210121 ISLAMABAD: January 21 – Ambassador of Pakistan to Afghanistan Mansoor Khan called on Speaker National Assembly Asad Qaiser at Parliament House. APP

اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۽ ڪابل جي وچ ۾ پارلياماني رابطن ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي مذهبي، ثقافتي پاڙيسري ۽ تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملڪن جا عوامي مفاد ۽ ترقي به گڏيل آهي