APP17-130121 ISLAMABAD: January 13 - Foreign Minister of Turkey, Mevlut Cavusoglu called on President Dr. Arif Alvi at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير مولودچاوش اولو ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي عالمي درجابندي ۾ پاڪستان جي پوزيشن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.