APP78-270121 ISLAMABAD: January 27 – Governor Khyber Pakhtunkhwa Shah Farman called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ زيتون جي پوکيءَ، بلين ٽري هني ۽ بلين ٽري ڊرائي فروٽ منصوبن جي حوالي سان قدمن ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي، انهن منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ جلد صوبي جو دورو ڪندس. هن اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.