APP57-120121 ISLAMABAD: January 12 - President Dr. Arif Alvi being briefed by Chairman NAVTTC, about the vocational training for differently-abled persons at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي شموليت هڪ وڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي تربيتي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي شموليت سان گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پوندو.