APP12-210121 ISLAMABAD: January 21 – Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani is being briefed about the establishment of Omer Khan Sanjrani University in Nokandi, Chaghi by the senior officers of Higher Education Commission (HEC) at Parliament House. APP

اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته بلوچستان صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، معدنيات بابت تعليم ۽ هنر جي فروغ ۾ عمر خان سنجراڻي يونيورسٽي اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي، پاڪستان ۾ فني تعليم سان ليس هنر مند ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هي دور اسپيشلائيزيشن جو دور آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي عملدارن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي.