APP10-210121 ISLAMABAD: January 21 – Speaker National Assembly Asad Qaiser in a meeting with Inspector General Islamabad Police Qazi Jamil-ur-Rehman. APP

اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان اسلام آباد پوليس جي آءِ جي قاضي جميل رحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گادي واري شهر ۾ امن امان ۽ پوليس جي پيشيوراڻي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اسپيڪر چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي پوليس فورس کي پيشيوراڻي بڻائڻ جي ضرورت آهي، اسلام آباد جي رهواسين کي تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي بنيادي ذميداري آهي.