APP50-031220 ISLAMABAD: December 03 - Prime Minister Imran Khan chairs the meeting of National Coordination Committee on Housing Construction and Development. APP

اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي لاءِ انتهائي ضروري آهي ته معيشت جو ڦيٿو هلندو رهي ان ۾ تعميراتي شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي، تعميراتي شعبي سان واڳيل صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، اڏاوتن ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.