APP36-011220 ISLAMABAD: December 01 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz and SAPM on Health Dr. Faisal Sultan jointly addressing a press conference at PID Media Centre. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي باوجود پي ڊي ايم ملتان جلسو، مخالف ڌر توهين عدالت ڪئي آهي، پي ڊي ايم جلسي منتظمين ۽ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي پئي وڃي، اڳتي به جيڪو عدالتي حڪمن ۽ اين سي او سي سفارشن تي لڳل پابندين جي خلاف ورزي ڪندو ان جي خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪورونا وائرس جي ٻي حياتي کسيندڙ لهر جي ڪري سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي، پي ڊي ايم هاڻي لاهور جلسي جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، انهن کي لاهور جلسي کان نه روڪينداسين پر انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ضڙور ٿيندي، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سڄي سياست ڪوڙ تي ٻڌل آهي، انهن ماڻهن زندگي ۾ ڪڏهن سچ ناهي ڳالهايو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ اين سي او سي جي سفارشن جي روشني ۾ سڄي ملڪ ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لڳل آهي.