APP33-201120 ISLAMABAD: November 20 - Federal Minister for Information and Broadcasting Senator Shibli Faraz and Advisor for Institutional Reforms and Austerity Dr. Ishrat Hussain jointly addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ اداره جاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن اسٽل مل، پي آءِ اي، ريلوي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان سميت ٻين رياستي ادارن کي ايمپلائمينٽ بيورو سمجهي سياسي ڀرتيون ڪيُون، جنهن جي ڪري ادارن جي فعاليت ۽ ڪارڪردگي بهتر نه ٿي سگهي، پهريون ڀيرو شفاف انداز سان 45 ادارن جي سربراهن جي مروجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مقرريون ڪيون ويون آهن، ريلوي ۾ ريگوليٽري کي ڌار ڪرڻ سان گڏوگڏ 5 ڪمپنيون ٺاهڻ، اسٽيل مل پرائيويٽ سيڪٽر کي ليز تي فراهم ڪرڻ ۽ پي آءِ اي جي اڌ ملازمن کي والنٽيئر هينڊشيڪ ڏئي گهرن ڀيڙو ڪيو ويندو، ايف بي آر ۾ ٽيڪس پيئر جي معاملن ۽ ريفنڊ جي عمل کانپوءِ انڪم ٽيڪس معاملن کي به آٽوميشن تي آڻڻ جو منصوبو آهي، پهريون ڀيرو اعليٰ اختياراتي بورڊ پاران گريڊ 21، 22 جي ترقين جي عمل کي چئلينج ناهي ڪيو ويو، نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ وفاقي، صوبائي ۽ مقامي ادارن اين او سي، لائسنس ۽ سرٽيفڪيٽس جي پيچيده عمل کي آسانيون بڻايو پيو وڃي ته جئين ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ آسانين سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهندا. هو پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.