APP33-22 QUETTA: October 22 - Deputy Speaker National Assembly Qasim Suri addressing Virtual at the 11th Convocation of Virtual University at a local hotel. APP photo by Mohsin Naseer

ڪوئيٽا – 22 آڪٽوبر اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته علم تحقيق ۽ انساني وسيلن تي ڌيان ڏيندڙ قومون اڄ ترقي يافته قومن ۾ شمار ڪيون وينديون آهن، تعليم جي اهميت کان انڪار ناهي موجوده حڪومت ورچوئل نظام تعليم جي هر ممڪن حوصلا افزائي ڪندي، تعليمي نظام کي عام ڪري نوجوانن کي علم طرف متوجهه ڪنداسين. اها ڳالهه هن ورچوئل يونورسٽي جي 11 هين ڪانوويڪيشن کي خطاب ڪندي چئي.