APP02-21 ISLAMABAD: September 21 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing participants of Seminar on ''International peace day'' organized by Parliamentary Kashmir Committee. APP

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قرباني ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، عالمي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.