ڪراچي – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهي، ان جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪراچي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي رحم ڪرم تي نٿا ڇڏي سگهون، جنهن 12 سالا ڊگهي اقتدار ۾ شهر قائد کي تباهه ڪيو، هن چيو ته عمران خان ڪراچي جون رونقون ۽ صنعتي شهر طور حقيقي شناخت بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.