APP63-16 ISLAMABAD: September 16 – Prime Minister Imran Khan addressing at the ceremony for signing of agreements between PTV, PCB and Cable Operators on Pakistan Cricket Broadcast and Cable Distribution Rights. APP

اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سسٽم جي ڪري ٽيلينٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حوالي سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.