APP01-21 ISLAMABAD: September 21 - Charge d' Affairs of Hungary Tivadar Takacas calls on Speaker National Assembly Asad Qaiser at Parliament House. APP

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي خوشگوار لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه هنگري جي وقتي ناظم الامور تيوادار تڪاڪاس سان ڳالهائيندي چئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي.