APP02-28 ISLAMABAD: September 28 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi warmly greets Dr. Abdullah Abdullah, Chairman of the High Council for National Reconciliation (HCNR) Of Afghanistan at foreign office. APP

اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان برادرن ناتن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو، عبدالله عبدالله جي دؤري سان پاڪ افغان ٻه طرفن ناتن ۾ نئين باب جو اضافو ٿيندو. دؤرو ٻه طرفي واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) لاءِ ڳالهين ۽ پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو عمل جلد شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق شاهه محمود قريشي ۽ افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ٿي.