APP68-05 ISLAMABAD: August 05 - Ex-Captain Pakistan Hockey Team Olympian Islahuddin called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان هاڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اولمپيئن اصلاح الدين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي فروغ جي حوالي سان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته قومي راند جي فروغ جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي.