APP29-07 GILGIT: August 07 - President Dr. Arif Alvi being briefed by caretaker Chief Minister Gilgit-Baltistan Mir Afzal, and GM WAPDA Amir Bashir Chaudhary. APP

گلگت – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان 16 هزار 500 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ گلگت بلتستان ۾ زراعت جي شعبي کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت جي دوري دوران نگران وڏي وزير مير افضل پاران مجموعي صورتحال تي ڏني ويندڙ بريفنگ جي موقعي تي ڪيو. صدر چيو ته گلگت بلتستان جو صوبو پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گلگت بلتستان ۾ سياحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ ڏورانهن علائقن تائين صحت ۽ تعليم جون سهولتون پهچائڻيون پونديون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ان موقعي تي ديامير ڀاشا ڊيم تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.