APP55-03 ISLAMABAD: July 03 - SAPM Dr. Sania Nishtar and Focal Person for Panahgahs Naseem-ur-Rehman called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهه گاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پناهه گاهه جي نظم ۽ ضبط، احساس پروگرام تحت بي سهارا ۽ لاچار ماڻهن کي پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ وڌيڪ بهتري جي معاملن جو جائزو ورتو ويو.