APP26-04 ISLAMABAD: July 04 - Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting talking to the media after his visit to Polyclinic Hospital in connection with the completion of 100 days of National Command & Operation Centre (NCOC). APP

اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ڪنٽرول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجود آهي، حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.