APP65-22 KARACHI: May 22 – A view of rescue operations as a Pakistan International Airlines (PIA) passenger flight PK-303 carrying 91 passengers and eight crew members crashed near the Jinnah International Airport just before landing. APP photo by Abbas Mehdi

ڪراچي – 22 مئي (اي پي پي) ڪراچي جي هوائي اڏي ويجهو پي آءِ اي جو مسافر جهاز آبادي مٿان ڪري تباهه ٿي ويو آهي. علائقي ۾ وڏي پيماني تي امدادي ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. خبر موجب پي آءِ جي ايئر بس 320 پي ڪي 8303 سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪراچي لاءِ اڏام ڀري هئي. جمعي ڏينهن منجهند جو لينڊگ کان ڪجهه منٽ پهرين هوائي اڏي لڳ واقع ماڊل ڪالوني ۾ گهرن مٿان ڪري تباهه ٿي ويو. جهاز ۾ 91 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن موجب جهاز ڪرڻ سان زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن بعد دونهين جا ڪارا بادل ڇانئجي ويا. سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب جهاز جي پائليٽ فني خرابي جو اطلاع ڏنو هو ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ دوران ريڊار تان گم ٿي ويو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽميون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.