APP01-29 ISLAMABAD: May 29 - Air Marshal Arshad Mahmood Malik, CEO Pakistan International Airlines called on President Dr. Arif Alvi at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ جهاز جي حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي پوئينرن کي جلد کان جلد معاوضو ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ايئر مارشل ارشد محمود ملڪ ملاقات ڪئي، هن صدر کي ڪراچي ۾ جهاز حادثي کانپوءِ رليف جي قدمن، متاثرين جي مدد ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.