APP38-09 QUETTA: April 09 - Prime Minister Imran Khan talking to media persons at Governor House. Governor Balochistan Amanullah Khan Yasinzai, Chief Minister Mir Jam Kamal Khan and Federal Minister Asad Umer also present on the occasion. APP photo by Mohsin Naseer

ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا عالمي وبا آهي ۽ ان سان پورو ملڪ متاثر ٿيو آهي، بلوچستان ۾ غربت وڌيڪ آهي، ان لاءِ ڪورونا سبب صوبي جي عوام جا مسئلا وڌي ويا آهن، اسان ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي رليف پيڪيج جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، سمورن صوبن ۽ آزاد ڪشمير حڪومت سان مشاورت سان 14 اپريل کان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال ۽ وفاقي وزير اسد عمر به ساڻس گڏ هئا.