APP12-08 LAHORE: April 08 - President Arif Alvi addressing at inauguration ceremony of National UHS Telemedicine Center for Women at University of Health Sciences. APP photo by Tabasam Naveed

لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيلي ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.