APP69-20 KARACHI: February 20 - President Dr Arif Alvi addressing during the 69th Pakistan Flower Show organized by the Horticulture Society of Pakistan at the AK Khan Park. APP Photo by M Saeed Qureshi

ڪراچي – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن ۾ وڻڪاري سان لڳاءُ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، بلين ٽري سونامي منصوبي جو تعلق ايندڙ نسل سان آهي، وڻ قدرت طرفان اهڙو ڪارخانو آهي جيڪو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس کي جذب ڪندو هي ۽ آڪيسجن خارج ڪندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي ڪي خان پارڪ سي ويو ۾ هارٽيڪلچر سوسائيٽي آف پاڪستان جي 69 هين فلاور شو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.