APP78-20 ISLAMABAD: February 20 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding Pakistan Steel Mills. APP

اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان اسٽيل ملز بابت اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، منصوبابندي واري وزير اسد عمر، نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اداره جاتي سڌارن لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار نديم بابر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.