APP38-16 KARACHI: February 16 - Special Assistant to PM on Information and Broadcasting Dr. Firdous Aashiq Awan talking to media person outside Naeem ul Haq residency. APP Photo by M. Saeed Qureshi

ڪراچي – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار نعيم الحق کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو ٻين جي لاءِ جيئندو هو ۽ سدائين ٻين ۽ خاص طور تي پيڙهيل طبقي سان تعلق رکندڙ عوام جي حقن لاءِ وڙهندو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نعيم الحق جي رهائشگاهه تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.