APP58-26 LAHORE: January 26 – Prime Minister Imran Khan meets Members of Punjab Provincial Assembly. APP

لاهور – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي ڀرپور وسيلن سان نوازيو آهي، 2019ع معيشت کي سنڀالڻ ۽ استحڪام جو سال هو، 2020ع ترقي جو سال هوندو، معيشت ۾ استحڪام اچي ويو آهي، پاڪستان صحيح رخ ۾ گامزن آهي، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار تي ڀرپور اعتماد آهي، قومن جي زندگين ۾ لاها چاڙها ايندا آهن پر اسان کي همت ۽ دليري سان حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي، اڳوڻي حڪومتن پاڪستان کي بيدردي سان ڦريو ۽ عوام کي غربت ۽ بيروزگاري جي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان پنجاب جي پاڪستان تحريڪ انصاف جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي.