APP85-20 ISLAMABAD: January 20 - Prime Minister Imran Khan meeting with newly elected Presidents of Chambers of Commerce & Industries from across Pakistan. APP

اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پهرين ڏينهن کان ئي فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان کي صنعتي قوت بڻائينداسين، ان مقصد جي لاءِ هو پاڻ ۽ سندس معاشي ٽيم هر ممڪن مدد فراهم ڪندا. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ٽيڪس جي حوالي سان وفد جي تجويز تي هر سومر ڏينهن کلي ڪچهري منعقد ڪري ۽ صنعتڪارن جا مسئلا پاڻ ٻڌي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ مان چونڊيل چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائنده وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.