APP28-17 ISLAMABAD: January 17 - President Dr. Arif Alvi talking to Ambassador of China Yao Jing, who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي، پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا علائقائي امن ۽ سلامتي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير يائو جنگ سان ملاقات ۾ ڪيو.