APP57-17 ISLAMABAD: January 17 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding matters pertaining to Higher Education Commission (HEC). APP

اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم تائين آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سمورين معاشي مشڪلاتن جي باوجود هائير ايجوڪيشن جي حوالي سان مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو، ناڻي واري وزارت هائير ايجوڪيشن لاءِ مختص فنڊن جي بنا رنڊڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هايئر ايجوڪيشن بابت معاملن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.