اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ عوامي جمهوريه چين جي نئين سال جي موقعي تي چيني عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هر نئين سال سان گڏ پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته چين جي دوستي پاڪستان جو عظيم اثاثو آهي.