APP63-13 ISLAMABAD: December 13 - Special Assistant to Prime Minister on Accountability, Barrister Shahzad Akbar addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن پنجاب هڪ سال ۾ 130 ارب رپيا ايراضي ڇڏائي آهي، پنجاب ۾ گذريل 35 سالن دوران اقتدار ۾ رهندڙن سرڪاري ايراضيءَ تي قبضا ڪري رکيا، مريم اورنگزيب ۽ شهباز شريف منهنجي پُڇيل 18 سوالن جا جواب ڏين، مريم نواز جي پرڏيهه وڃڻ بابت درخواست ملي پر ان تي قانون مطابق ڪارروائي ڪنداسين، نواز شريف جو پرڏيهه مان علاج لاءِ ڏنل وقت ختم ٿي ويو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.