APP50-03 ISLAMABAD: December 03 - Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs, Abdul Hafeez Sheikh and Federal Minister for Economic Affairs Muhammad Hammad Azhar addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته عالمي ادارا معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي ساراهي رهيا آهن، ماضي وانگر ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ نه وينداسين، حڪومت ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ۽ قدم کنيا آهن، ادارن کي مضبوط بڻايو پيو وڃي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي خودمختياري ڏني وئي آهي، گذريل 5 مهينن ۾ اقتصادي محاذ تي اهم ڪاميابي ملي آهي، هلندڙ مهيني ۾ روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، مالياتي خساري تي ضابطو آندو ويو، مالياتي خساري تي نه رڳو ضابطو آندو ويو پر وياج جي ادائيگي کي ڪڍيو وڃي ته اهو سرپلس ۾ اچي وڃي ٿو، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام اچي ويو آهي. اقتصادي معاملن واري وزير حماد اظهر ۽ ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته گذريل 5 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.