APP11-20 ISLAMABAD: December 20 - President Dr. Arif Alvi talking to Member of the Supervisory Board of Huawei Steven Yi, who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجيز قومن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهن، ڊجيٽل پاڪستان جي تصور کي حقيقت بڻائڻ لاءِ هواوي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هواوي جي سپروائيزري بورڊ جي ميمبر سٽيون يي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هڪ وفد سان ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.