APP26-03 ISLAMABAD: December 03 - Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing the participants of Special function on International Day of Persons with Disabilities held in Parliament House. APP

اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر معذور ماڻهن لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي قيام ۽ هر ممڪن حد تائين قانونسازي ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اصل هيرو ته اهي ماڻهو آهن جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي معذور ۽ معاشري جي ڪمزور ماڻهن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پارليامينٽ خصوصي ماڻهن کي مايوس نه ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان عالمي سطح تي ملهائجندڙ ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته ان تقريب جي انعقاد جو بنياد منهنجي ڌيءَ ظله بني آهي.