APP02-13 ISLAMABAD: November 13 - President Dr. Arif Alvi addressing the inaugural session of Margalla Dialogue on “Peace and Development in South Asia, Middle East, Central Asia (SAMECA)”. APP

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انسانيت کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، ڪجهه قومون پوءِ به پنهنجي مفادن جو سوچي رهيون آهن، اڪثر گهڻ رخي قومي ڪمپنيون ملڪن کان وڌيڪ طاقتور ٿي چڪيون آهن، عالمي دنيا پنهنجي مفادن بدران انسانيت جي مفاد ۾ فيصلا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته سٺو پاڙيسري هڪ نعمت هوندو آهي ۽ امن ۽ سلامتي جو دارومدار سٺن لاڳاپن تي هوندو آهي، ٻارن جي ذهنن ۾ امن ۽ محبت جو فروغ ضروري آهي.