APP64-05 ISLAMABAD: November 05 - President Dr. Arif Alvi talking to the parliamentary delegation of Switzerland headed by President of the Council of States Mr. Jean-Rene Fournier at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ طلب جي ڪري سوئس ڪمپنين جي لاءِ بجلي جي قابل تجديد، هائيڊل ۽ ڪلين ٽيڪنالاجي پيداواري منصوبن ۾ تمام گهڻي منافعي وارا موقعا موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سوئس ڪنفيڊريشن جي ڪائونسل آف اسٽيٽس جي صدر جين ريني فريئر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.