APP61-09 KARTARPUR: November 09 - Prime Minister Imran Khan addressing during the inauguration ceremony at Gurdwara Darbar Sahib as the Prime Minister Imran Khan inaugurating a visa-free initiative that allows Sikh pilgrims from India to visit one of their holiest shrines Guru Nanak Dev at Gurdwara Darbar Sahib. APP Photo by Mustafa Lashari

ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جانورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.