APP38-10 SIALKOT: November 10 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons. APP Photo by Muhammad Munir Butt

سيالڪوٽ – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، حقوق الله ۽ حقوق العباد کي متوازن بڻائڻ جو نالو اسلام آهي، نبي ڪريم صه انسانيت سان محبت ۽ رواداري جو درس ڏنو، نوجوان نسل نبي ڪريم صه جي سيرت تي عمل ڪن، انساني حقن جو سڀ کان بهترين چارٽر دين اسلام پيش ڪيو، پاڪستان بين المذاهب هم آهنگي جو روشن مثال بڻجڻ وڃي رهيو آهي. اهڙن خيال جو اظهار هن تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.