APP80-13 ISLAMABAD: November 13 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting to review progress on PSDP at PM Office. APP

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ترقياتي فنڊن جو استعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ منصوبابندي واري وزارت ماهوار رپورٽ پيش ڪري، منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ سان معيشت مستحڪم ٿيندي، گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهترين پاليسيون جوڙيون وڃن. اها هدايت هن وزيراعظم آفيس اسلام آباد ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.