APP45-13 TEHRAN: October 13 - Prime Minister Imran Khan called on Supreme Leader of Iran Ayatollah Seyyed Ali Khamenei. APP

تهران – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي سان ملاقات ڪئي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ اوورسيز پاڪستانيز بابت خصوصي معاون ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هئا. پنهنجي ايران جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم تهران ۾ ايران جي سپريم ليڊر سان ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ڪشميري عوام جي حمايت جي لاءِ ايران جي سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا.