APP57-13 SIALKOT: October 13 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting Dr Firdous Ashiq Awan addressing to PTI lady workers. APP photo by Munir Butt

سيالڪوٽ / اسلام آباد – 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت عوامي مسئلن خاص طور تي عورتن جي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن انهن کي بااختيار بڻائي سگهجي، مون کي الله تعاليٰ عوام جي خدمت لاءِ چونڊيو آهي ۽ آئون اها خدمت عبادت سمجهي ڪري رهي آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي ڀرپاسي واري علائقي يونين ڪائونسل وريو ۾ عورتن جي هڪ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي تڪ جون مسيحي عورتون پڻ وڏي انگ ۾ موجود هيون.