APP86-18 ISLAMABAD: September 18 - Chairman Senate, Muhammad Sadiq Sanjrani, Prime Minister Azad Kashmir, Raja Farooq Haider Khan, Chief Minister Balochistan, Mir Jam Kamal Khan and other distinguished parliamentarins standing while the national anthem of Pakistan and Azad Kashmir are being played prior to the proceedings of National Parliamentarian Conference on Kashmir ‘Urgent Need Humanitarian Efforts’ organized by Senate of Pakistan. APP

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اهتمام سان ٿيل ڪشمير بابت قومي پارليامينٽرين ڪانفرنس اسلام آباد پڌرنامو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ان پڌرنامي ۾ والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪشميري عوام تي غاصباڻي ڏاڍ ۽ ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انساني حقن جي عالمي معاهدي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو جنهن ۾ امن، انصاف ۽ آزادي کي بنيادي حقن ۽ احترام جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي.