APP51-11 ISLAMABAD: September 11 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting regarding progress on Special Economic Zones in Punjab and Khyber Pakhtunkhwa at PM Office. APP

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اقتصادي زونز جي مڪمل ٿيڻ سان ڪاروباري برادري کي سهولت ملندي، معاشي سرگرميون تيز ٿيڻ سان نه رڳو معيشت مضبوط ٿيندي پر نوجوانن کي روزگار جا موقعا به ملندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ قائم ڪيل خصوصي اقتصادي زونز ۾ هيستائين اڳڀرائي تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.