راولپنڊي – 13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا جمعي ڏينهن سدرن ڪمانڊ هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق آرمي چيف کي خوشحال بلوچستان پروگرام تحت جاري رٿائن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف امن امان لاءِ پاڪ فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ بلوچستان جي وزيراعليٰ ڄام ڪمال ڪوئيٽه ۾ نسٽ ڪيمپس جو افتتاح ڪيو. نسٽ ڪيمپس جو 2017ع ۾ اعلان ڪيو ويو هو ۽ اهو 2 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو آهي. پهرئين مرحلي ۾ ڪيمپس مان 550 شاگرد انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائنس جي تعليم حاصل ڪندا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن کي خطاب پڻ ڪيو.