APP67-18 ISLAMABAD: September 18 – Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr Firdous Ashiq Awan addressing the National Parliamentarian Conference on Kashmir. APP

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان اقليتن کانسواءِ مڪمل نٿو ٿئي، ميڊيا والاريل ڪشمير جي صورتحال کي موثر انداز سان اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستاني ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن 5 آگسٽ جي واقعي کانپوءِ سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، دنيا گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وزيراعظم عمران خان ۽ حڪومت پاڪستان جي وقت سر ۽ موثر قدمن سان دنيا جي هر اهم فورم تي ڪشمير مسئلي کي خاصي پذيرائي ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير تي قومي پارليماني ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.