APP07-18 ISLAMABAD: September 18 – Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi addressing during National Parliamentarians Conference on Kashmir 'Urgent need for humanitarian efforts' at Jinnah Convention Centre. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڪشمير مسئلي تي ڪالهه به هڪ هئي ۽ اڄ به هڪ آهي، دنيا نظرون موڙي سگهي ٿي پاڪستان ڪشمير کان نظرون نه موڙيندو، وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي مفادن جو سودو نه ڪندو، پورو پاڪستان سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، ڪانفرنس مان عوام جي چونڊيل نمائندن جي ڪشمير مسئلي تي ٻڌي ۽ يڪجهتي جو پيغام ويندو. قومي پارليامينٽرين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي جذبن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ 45 ڏينهن کان مسلسل ڏينهن رات جو ڪرفيو جاري آهي.