APP50-12 ISLAMABAD: September 12 - Special Assistant to PM on information & Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons at Parliament House. APP

اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جمهوري ڪئلينڊر جو هڪ سال مڪمل ڪري ورتو، پارليامينٽ هاڻي فنڪشنل ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان جي جمهوري سوچ ۽ جمهوريت تي يقين رکندڙ عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿي ته پارليامينٽ جمهوري ڪئلينڊر جو هڪ سال مڪمل ڪري ورتو آهي.